سون مسلسل ٻئي ڏينهن سوين رپيا مهانگو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون هڪ هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 43 هزار 3 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 857 رپيا واڌ بعد 2 لک 8 هزار 590 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جو اگهه 10 ڊالر چاڙهه کانپوءِ 2 هزار 335 ڊالرز آهي.
پاڪستان ۾ سون جي عالمي قيمت 20 ڊالر پريميم شامل ڪري 2355 ڊالرز في اونس آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.