شهبازشريف عوامي پت وڃائي ويٺو آهي، ان ڪري ته جيتريون دعوائون نون ليگ گڏيل طور تي يا نوازشريف جي زباني ڪيون هيون اهي سڀ جون سڀ ڇسيون ۽ کوکليون نڪتيون. عوام کي جنهن رليف ۽ بيجٽ جي ضرورت هئي سا شهباز جي پهرين 16مهينن واري سرڪار به نه ڏني ۽ هاڻي به سکڻيون ڳالهيون ڪري 18هزار ارب روپين جي بجيٽ ڏئي، عوام جي هڪ کيسي ۾ پيسا رکي ٻئي کيسي مان ڪڍي ويو. ماڻهن جيڪي اميدون هڻي هنن شريفن کي مٿي آندو هنن شريفن به ماڻهن جي شرافت جو فائدو ورتو ۽ پنهنجن ئي ڪيل واعدن کي پاڙي نه سگهيو. جيڪي ڪم ڪرڻا هيس اهي وري به ابتا ڪري ويٺو. ڪڏهن ڪڏهن هي وزيراعظم، صدر ۽ وزيراعلي به انهن ڪمپنين جي سي اي اوز ۽ چيئرمين وانگي هوندا آهن جيڪي ڪمپنين جي مالڪن سان واعدا ڪري اهي عهدا ماڻيندا آهن، ۽ مالڪن سان واعدا ڪري ايندا آهن ته اهي جيڪي به ڪم ڪندا اهي سڀ ڪم ملازمن ۽ مزدورن جي حق ۾ نه هوندا ۽ جيڪي به ڪم هوندا اهي سڀ مالڪن جي مرضي سان ڪندا ۽ گهڻي ڀاڱي مالڪن کي فائدو ٿيندو، اهي وزيراعظم ۽ صدر به مالڪن سان پهرين اهڙا ئي واعدا وچن ۽ فيصلا ڪري ڪرسيون ماڻيندا آهن جنهن ۾ نقصان رڳو انهن ملازمن وانگي عام خلق جو ئي ٿيڻو هوندو آهي، ان ڪري هاڻي خلق کي اها ڳالھه سمجهڻ گهرجي ته جيڪي به سياسي وچن هوندا آهن اهي سڀ ڪوڙ بدوڙ ۽ سکڻا کوکلا واعدا هوندا آهن جن تي اعتبار ۽ اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي.
بجيٽ تي سدائين وانگي خلق کي اعتراض آهن ته جيڪي به ٽيڪس لڳي آهي اها ٽيڪس جي مٿان ٽيڪس آهي مثال موبائيل ڪمپينين وانگي100 تي 25روپيا الڳ ۽ هر ڪال ۽ ايس ايم ايس تي الڳ ٽيڪس. ائين ئي هن ڀيري ۽ هر ڀيري وانگي حڪومت به ٽيڪس جي مٿان ٽيڪس مڙهي آهي، مثال جيڪڏهن ڪو ماڻهو چانھ جو ڪوپ ٿو پيئي ته هو رڳو کير تي ٽيڪس نه ٿو ڀري، پر چانھ جي پتي تي به ٽيڪس ٿو ڀري، کنڊ ۽ گيس تي پچندڙ چانھ تي به ٽيڪس ٿو ڀري ۽ ان چانھ ٺاهڻ تي جيڪي به ٻيون شيون استعمال ٿين ٿيون، انهن ۾ پاڻي ۽ وري ٿانون ڌوئڻ تائين به جيڪي به شيون استعمال ٿين ٿيون اهي سڀ ٽيڪس ڀري ورتيون وڃن ٿيون ۽ هر ماڻهو (ڪنزيومر) ڳڻي ڳڻي ٽيڪس ٿو ڀري. ساڳي ڳالھه وري ڊيگهاري ڪجي ته اهي جيڪي شيون جڏهن مارڪيٽ مان آيون ته انهن دوڪاندارن تائين پڄندي پڄندي هر ان ماڻهو، ٽرانسپورٽ، پيٽرول، گاڏي، رپيئرمينٽينس ۽ شين جي ترسيل تائين هر شخص ٽيڪس ڀري هوندي، جيڪي ٿلهي ليکي پيسا حڪومت جي کيسي ۾ ٿا پون. ساڳي ڳالھه وري عام ماڻهو (ملازم) جي به آهي جيڪي ٽيڪس جي مٿان ٽيڪس ٿا ڀرن. اها ڳالھه مڃون ٿا ته 90واري ڏهاڪي کان اڳ ڪنزيومر ٽيڪس نالي ڪا شيءِ نه هوندي هئي، رڳو انڪم ٽيڪس جي ڳالھه هوندي هئي، ۽ حڪومت رڳو انهن ادارن مان مٿڪي ڪمائيندي هئي جن ۾ بجلي، گيس ۽ پيٽرول شامل هوندو هيو. پر هاڻي ته ڪنزيومر ٽيڪس سان گڏ ان ماڻهو (ملازم ۽ فيڪٽريءَ) کي به انڪم ٽيڪس ڀري ڏيڻي ٿي پوي، جن ۾ ويلٿ ٽيڪس الڳ آ. وري مسئلو اهو به آهي ته هر چرندڙ پرندڙ جيوت تي به ٽيڪس لاڳو آهي يا ائين چئون ته جيڪو ساھ ٿو کڻي ان کي هن رياست ۾ ٽيڪس ڀري ڏيڻي پوندي.
پر رياست پوءِ به فلاحي ناهي، مثال جيڪڏهن رياست هزارين ارب روپيا رڳو ٽيڪس ڪليڪشن مان ڪمائي ٿي، ته اتي ماڻهن جي تعليم ۽ صحت ئي رڳو مفت ڪري ڏئي، جو ماڻهو پرائمري کان وٺي پي ايچ ڊي تائين مفت ۾ پڙهي. پر حڪومت به انهن شين کي طبقاتي ڪري ڇڏيو آهي، معني جيترو ڳڙ اوترو مٺو. ان ڪري جنهن کي جيترا پيسا آهن اهو اوترو وڌيڪ مهانگو ۽ وڏو پڙهي سگهي ٿو، پوءِ هن رياست کي ڪهڙي ڳالھه جي لاءِ ڏوهي قرار ڏجي ۽ ڪهڙي ڳالھه ڳڻي رياست کي معصوم قرار ڏجي. ڳالھه اها به ماري ٿي ته ڊبليو ايچ او جي مطابق هر 10هزار ماڻهن تي تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊاڪٽر هجي پر پاڪستاني آباديءَ جي مطابق 8073ماڻهن تي هڪ ڊاڪٽر آهي، جيڪا ضرروت اڃان به گهڻي آهي پر رياست وٽ عسڪري فورس ان کان به گهڻي آهي جنهن ۾ سڀ رنگ اچي ٿا وڃن جو هاڻي بلاول ڀٽي صاحب به اها ڳالھه جهٽ ۾ چئي ڏني ته نيب جهڙو ادارو نه هجڻ گهرجي، ان ڪري نيب هڪ اهڙو چيگم ۽ رٻڙ آهي جنهن کي هر سرڪار پنهنجي مرضي سان پئي ڇڪيو يا اينگهايو آهي ۽ پنهنجي مرضي جا پروٽوڪولز ورتا آهن، ان ڪري جيڪي به هٿياربند ادارا جڙيل انهن تي بجيٽ ۽ سوڙ آهر پير ڊگهيري واري ڳالھه هجي، جنهن تحت نظر ثاني ٿيڻ گهرجي، ان ڪري ته جنهن گهر جا ڀاتي 4 هجن ته انهن جي مٿان چاليھ چوڪيدار نه ٿا رکي سگهجن ۽ ست رنگي الڳ يا آپ نه پالي ڪتا ڌاري.
اها ڳالھه حڪومت جي نظرثاني ۾ اچڻ گهرجي ته پگهاردار طبقو وڌيڪ مظلوم طبقو هجي ٿو، جيڪو ٽيڪس ادارن جي پڪڙ ۾ آساني سان اچي سگهي ٿو. جنهن طريقي سان اهي ادارا ”ايس ئي سي پي“ وٽ رجسٽرڊ هجن ٿا، ان طريقي انهن ادارن تي لت رکي ٿي وڃي ته اهي ملازمن جي پگهار اچڻ کان اڳ انهن جي آيل پگهار مان ٽيڪس جي ڪٽوتي ڪري ملازمن جي هٿ تي پگهار پوءِ رکن. پر ملازم طبقو به ان ڪنزيومر سوسائٽي ۾ اچي ٿو جيڪو ساھ کڻڻ جا به پيسا ٿو ڀري. هوا، باھ ۽ پاڻي به ان کي پيسن جو ٿو ملي ته رياست ڀلا ڪهڙي ڏوھ ۾ انهن غريبن، متوسط طبقن ۽ وچولي طبقن تي ٽيڪس جا ڄار وڇايا آهن. ان ڪري نظر ثاني ۾ اها شيءِ به اچي سگهي ٿي ته ٽيڪس سليب واڌيو وڃي، جو جيڪي غريب طبقا ۽ ملازم پنجاھ ۽ لک ماهوار پگهار جي دائري ۾ اچن ٿا انهن کان ٽيڪس ڪٽوتي نه ڪئي وڃي، ان ڪري هن مهانگائي جي دور ۾ ماڻهن (ملازمن) جي پورت ناهي، ڇو ته هڪ پوري ڪر ته ٻي کٽي پئي آهي. پر انهن ملازمن جي ڀيٽ ۾ اهي ماڻهو جيڪي برگر ۽ چپس جا ريڙها ٿا هڻن، انهن جي پيسن تي رياست جي اک ناهي، ان ڪري ته انهن جي انڪم بينڪ جي هوا نه ٿي چکي، اهي ماڻهو کيسا ڀري رات جو گهر ٿا موٽن. ان کان علاوه اهي ماڻهو جنهن طريقي ۽ مقدار ۾ بجلي خرچ ٿا ڪن يا مفت ۽ بجلي جي عملدارن جي آشرواد سان انهن جا ڪاروبار روان دوان آهن، جيڪي عام گهر جي 500يونٽ کان به مٿي بجلي ساڙيندا هوندا پر انهن کي بجلي مفت آهي، اهي وڏا صنعتڪار جن جي دولت بينڪ جي ذريعي ٽرانسفر يا منتقل نه ٿي ٿئي سي به ٽيڪسن جا ڄارن مان نڪري ٿا وڃن.
مصيبت اها به آهي ته آءِ ايم ايف جو قرض ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندو، جيڪو 83هزار ارب روپين کان به وڌي ويو آهي، ڊسمبر 2023تائين پاڪستان جو ڪل پرڏيهي قرض 131.159بلين ڊالر تائين هيو جنهن ۾ هاڻوڪا 6راب ڊالر شامل ناهن، جنهن ۾ پيرس ڪلب جو 7.541 بلين آمريڪي ڊالر جو قرض الڳ، وري گھڻ طرفي ڊونرز معني جيڪو مختلف ملڪن کان قرض وٺندا رهن ٿا اهو 38.813بلين آمريڪي ڊالر تائين پڳو آهي، جنهن جو مثال عمران خان جي دور ۾ سعودي عرب کان 2ارب ڊالر قرض وٺي سرڪيولر ڊيٽس جهڪا ڪيا هين، پر يمن واري جنگ ۾ عسڪري فورس نه ڏيڻ تي ۽ ڪشمير جي قراردا پيش ڪرڻ تي سعودي عرب جا شهزادا ناراض ٿي ويا هيا ۽ انهن اهي ٻه ارب ڊالر واپسي جو چيو هيو، جيڪي وري چين ڀري ڏنا هيا ۽ 5.8بلين ڊالر آسٽريليا سان معادي جي ڀڃڪڙي جي ڪري 2020۾ ڀري ڏيڻا پئجي ويا هين، جيڪي معاهدا هنن وري چين سان ڪيا، وري انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جو 7.596بلين ڊالر ۽ يورو بانڊز ۽ سڪوڪ بانڊن بانڊن جو 7.8بلين آمريڪي ڊالر جو قرض الڳ. ان ڪري عوام جنهن اميدن سان شهبازشريف کي چونڊيو هيو هن به عوام سان اهڙي ڪئي آهي جو ٻرڙو ڪري ٻارن سان، ان ڪري مصيبت اها به آهي ته آخر عوام وڃي ڪاڏي، ڪنهن تي ڀروسو ڪري، ڪهڙي پارٽيءَ تي اعتماد ۽ اعتبار ڪجي، ته اهي هن ملڪ کي قرضن کان اجو ڪرائيندا، امپورٽس گهٽائيندا ۽ ايڪسپورٽ وڌائيندا ته جيئن ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ۽ ماڻهو سک جو ساھ کڻن.
شهبازشريف عوامي پت وڃائي ويٺو آهي، ان ڪري ته جيتريون دعوائون نون ليگ گڏيل طور تي يا نوازشريف جي زباني ڪيون هيون اهي سڀ جون سڀ ڇسيون ۽ کوکليون نڪتيون. عوام کي جنهن رليف ۽ بيجٽ جي ضرورت هئي سا شهباز جي پهرين 16مهينن واري سرڪار به نه ڏني ۽ هاڻي به سکڻيون ڳالهيون ڪري 18هزار ارب روپين جي بجيٽ ڏئي، عوام جي هڪ کيسي ۾ پيسا رکي ٻئي کيسي مان ڪڍي ويو.