ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اداڪاري بدران بولڊ انداز، سوشل ميڊيا پوسٽن ۽ پنهنجي بيانن سبب خبرن ۾ رهندڙ اداڪارا هانيا عامر چيو آهي ته شادي هڪ بهترين عمل آهي پر سندس فلحال نئين اننگز شروع ڪرڻ جو ارادو ناهي.
هانيا عامر ماضي ۾ پنهنجي لاڳاپن ۽ مڱڻي جي افواهن سبب به خبرن ۾ رهچي چڪي آهي، پر هن واضح طور تي ڪڏهن به ڪنهن سان محبت جو اعتراف ناهي ڪيو.
ڪجهه عرصو اڳ هن انسٽاگرام تي مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي واضح ڪيو ته هوءَ اڄڪلهه رومانس لاءِ ڪنهن جي متلاشي نه آهي.
هانيا عامر انسٽاگرام تي مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي انڪشاف ڪيو ته گلوڪار فلڪ شبير ۽ اداڪارا سارا خان سندس پسنديدا شادي شده جوڙو آهي.
هڪ مداح هانيا عامر سان سوال ڪيو ته ڇا هوءَ هن وقت اڪيلي زندگي گذاري رهي آهي يا وري هوءَ محبت لاءِ ڪنهن شخص کي ڳولي رهي آهي؟
ان تي اداڪارا جواب ڏنو ته بلڪل هوءَ اڪيلي زندگي گذاري رهي آهي ۽ هوءَ ڪنهن جي متلاشي نه آهي، بس رڳو پنهنجن بهترين دوستن سان سٺو وقت گذارڻ جي خواهشمند آهي.
اداڪارا وڌيڪ وضاحت ڏيندي چيو ته هوءَ پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ اڄڪلهه سخت محنت سان ڪم پڻ ڪري رهي آهي.
هڪ ٻئي مداح کائنس سوال ڪيو ته هوءَ شادي ڪڏهن ڪندي؟
جنهن تي اداڪارا چيو ته سندس خيال آهي ته شادي هڪ بهترين عمل آهي پر سندس فلحال شادي ڪرڻ جو ارادو ناهي.
You might also like