ڪنري ۾ ڏاچي جون 4 ڄنگهون ڪنهن ڪپيون؟ حقيقت ڄاڻيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ۾ جڏهن اٺ جي ڄنگهه ڪپي وئي ته اهڙي واقعي عالمي ڌيان حاصل ڪري ورتو هو. جانورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون ۽ سماجي ادارن آواز اٿاريو جنهن کانپوءِ متاثر اٺ جي ڄنگهه ۾ هٿرادو ڄنگهه لڳائي وئي ۽ اٺ جي مالڪ کي حڪومتي توڻي سماجي ادارن وٽان مالي امداد به ملي.

ڪنري ۾ جڏهن اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو سامهون آيو ته ان معاملي کي سانگهڙ واري واقعي جيان وائرل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بنا وڌيڪ تحقيق جي سڀني اهو چئي ڇڏيو ته فصل جي ڀيل تان هن ڀيري ڏاچيءَ جون چار ڄنگهون ڪپيون ويون آهن، بي زبان جانورن سان ظلم ٿي رهيو آهي.

اهڙيون پوسٽون صبح کان پوسٽ ٿيڻ شروع ٿيون جن جو سلسلو جاري آهي. پر جڏهن ته ڏاچيءَ جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ته خبر پئي ته پهريان ڏاچي مري وئي هئي، ڄنگهون بعد ۾ ڪٽيون ويون هيون. سوشل ميڊيا تي پوليس جو آيل موقف آهي ته ڏاچي جون ڄنگهون وڍڻ ۾ ان جا مالڪ ئي ملوث ٿي سگهن جڏهن ته واقعي جو ڪو ٻيو رخ يا ڪو جوابدار سامهون ناهي اچي سگهيو.

ان صورتحال ۾ اهو خدشو پيدا ٿئي ٿو ته ڪٿي ته ڏاچي مالڪ ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي ڏاچي جون ڄنگهون ته ناهن وڍيون ته جيئن سندس مالي امداد ٿي سگهي.

صبح سوير جڏهن واقعي جي شروعاتي خبر آئي هئي ته ان وقت ڏاچي مالڪ اهو چيو هو ته سندس ڏاچي بيمار هئي ۽ واقعو رات جي وقت پيش آيو آهي.

تنهن کانپوءِ ڏاچي مالڪ ميڊيا تي آيو ۽ ڌرڻو هڻي انصاف جي گهر ڪئي وئي.

ڏاچي مالڪ طرفان ڪنهن جوابدار کي نامزد ناهي ڪيو ويو نه ئي رپورٽ داخل ڪرائي وئي.

ڏاچي جي بيمار هجڻ، ان جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ پوليس جي بيان، واردات واري هنڌ مان اهو ئي تاثر ملي رهيو آهي ته ڏاچي مالڪ ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي.

اها ڳالهه بلڪل واضح ٿي چڪي آهي ته ڏاچي کي جيئرو پڪڙي ان جون ڄنگهون ناهن ڪپيون ويون پر اها بيمار هئي ۽ مري چڪي هئي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي آيل اهڙين ڳالهين ۾ ڪا صداقت نه آهي، واقعي جي اصل حقيقت وڌيڪ جاچ کانپوءِ سامهون ايندي.

Kunri Sanghar Sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.