پاڪ نيوي سامونڊي حدن جي حفاظت لاءِ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي: نيول چيف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف چيو آهي ته پاڪستان اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مقابلي لاءِ متحد آهن.
پاڪستان نيول اڪيڊمي ۾ 121هين مڊل شپ مين جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف تقريب جو خاص مهمان هو.
تقريب کي خطاب ڪندي نيول چيف چيو ته ڪامياب ٽريننگ مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪون ڏيان ٿو، پاڪستان نيول اڪيڊمي دوست ملڪن جي ڪيڊٽس کي ٽريننگ ڏئي رهي آهي، دوست ملڪن جي ڪيڊٽس جو هتي ٽريننگ وٺڻ پاڪ نيوي جي مهارت جي عڪاسي آهي.
هن چيو ته پاڪستان نيول اڪيڊمي معياري تربيت فراهم ڪري رهي آهي، اميد آهي دوست ملڪن جا ڪيڊٽس لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان گهڻ رخن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان نيوي سامونڊي حدن جي حفاظت لاءِ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

paknavy pakarmy pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.