سانگهڙ( رپورٽ : محمد حسين بلوچ) اڻڄاتل هٿياربندن کپري تعلقي جي اڳوڻي ناظم خدا بخش درس کي باڊي گارڊ سميت فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، مقتول روز جي معمول جيان پنهنجي زمين تي فصل ڏسي رهيو جتي تاڙ ۾ ويٺل اڻڄاتل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هو ۽ سندس گارڊ عبدالخالق موقعي تي مارجي ويا.
واقعي بعد مقتولن جا لاش ويجهي اسپتال آندا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
اهڙي واقعي بعد علائقي خوف ۽ هراس واري صورتحال ڇانيل آهي.
You might also like