بجلي لوڊشيڊنگ، سنڌ حڪومت ڪمپنين کي سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي رات 10 کان صبح 6 وڳي تائين لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
صوبائي وزيرن ناصر شاهه ۽ سعيد غني ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي سي اي اوز کي سختي سان هدايتون ڏنيون آهن ته سخت گرمي دوران رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين ڪنهن به صورت ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ نه ڪئي وڃي.
هنن چيو ته ٽئي ادارا بجلي چوري ڪندڙن جي سزا عام شهرين کي ڏيڻ بدران بجلي چورن خلاف سخت ڪارروائي ڪن.
صوبائي وزيرن ٽنهي ادارن کي جلد رهتون ادا ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي.

saeedghani nasirshah ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.