اٽڪ (ويب ڊيسڪ) اٽڪ ۾ ڊي آءِ خان موٽر وي تي هڪلا انٽر چينج ڀرسان ايمبولينس سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو 1122 موجب هڪلا انٽر چينج ڀرسان ايمبولينس ۽ ٽينڪر ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
فوتين ۾ ريسڪيو اهلڪار به شامل آهي، جڏهن ته حادثي ۾ هڪ ريسڪيو اهلڪار زخمي به ٿيو.
ايمبولينس ۾ مريض کي بينظير اسپتال راولپنڊي نيو پئي ويو، حادثي ۾ مريض ۽ ان جون ٽي مائٽياڻيون به فوت ٿي ويون.
attock punjab pakistan