دڙو: مختلف علائقن ۾ چمڙي جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي

دڙو (رپورٽ : منٺار ٺاراڻي ) دڙو، ٻنون، لائقپور ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ چمڙي جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي، سوين ماڻھو خارش ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا.
دڙو، ٻنون، حسين پور، بچل گگو ۽ ڊڀوموري جي مختلف ڳوٺن ۾ خارش ۽ چمڙي جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ويئي آھي.
خارش سبب متاثر ماڻهن کي جسم جي مختلف حقن تي وڏا زخم ٿين جيڪي بعد ۾ ڦٽن جي صورت اختيار ڪري وڃن ٿا.
متاثر مريضن جو چوڻ آهي ته بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي جسم، ٻانهن ۽ ڄنگهن تي پهريان ننڍا ننڍا داڻا ٿين ٿا ۽ بعد ۾ هوريان هوريان اِهو مرض پکڙجي ڦٽن جي صورت ۾ تبديل تي ناسور بڻجي وڃي ٿو.
ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 6 مھينن کان وٺي ڳوٺن جا ڪيترائي معصوم ٻار، عورتون، جوان پوڙھا چمڙي جي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آھن.
ھنن ٻڌايو ته متاثر ڳوٺن ۾ رھندڙ ھر گھر جا تقريبن ماڻھو چمڙي جي موذي بيماري ۾ مبتلا آھن. ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائي ٿڪجي پيا آهيون.
هنن سنڌ سرڪار، صحت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته متاثرن ڳوٺاڻن ۾ علاج جي مناسب سهولتون فراهم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.