ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايزي پيسا پنهنجي نئين فارميٽ ايزي ڪيش ذريعي واهپيدارن کي فوري قرض ڏيڻ جي سهولت ڏئي رهي آهي.
ايزي پيسا جي ڊجيٽل سروس ايزي ڪيش ذريعي واهپيدار بنا دستاويزن جي 15 هزار رپين تائين فوري قرض وٺي سگهن ٿا ۽ ڳجهن چارجز کانسواءِ سولن شرطن تي قرض واپس ڪري سگهن ٿا.
قرض جي منظوري ڪريڊٽ اسڪور جي بنياد تي ڏني ويندي.
ايزي ڪيش حاصل ڪرڻ لاءِ، واهپيدار پنهنجي ايزي پيسا اڪائونٽ ۾ لاگ ان ڪري قرض وٺي سگهن ٿا.
خيال رهي ته قرض ان وقت تائين نه وٺجي جيستائين انتهائي ضرورت نه پوي ڇو ته قرض تي اوهان کي وياج ڏيڻو پوندو آهي ۽ اهو وياج هر هفتي وڌندو ويندو آهي.