تنگواڻي: فيس بڪ پوسٽ تان تڪرار: ڪمينٽس بدران گولين جي ڏي وٺ

تنگواڻي (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ جي هڪ پوسٽ تان ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿيڻ کانپوءِ ڌرين جديد هٿيار کڻي هڪ ٻئي تي گولين جي برسات وسائي ڏني.

کنڊو ۾ نندواڻي برادري جي هڪ شخص فيس بڪ تي پوسٽ ڪئي ۽ پوءِ ٻن ڌرين ۾ بحث کانپوءِ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي کانپوءِ ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون ۽ مقامي چڱن مڙسن وڏين منٿن کانپوءِ جهيڙو ٽاريو.

ٻئي پاسي پوليس ڪا ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.