ڀارت ۾ موبائل ساز ڪمپني پرڻيل عورتن کي نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ايپل لاءِ موبائل فونز ٺاهيندڙ ڪمپني فوڪسڪون پرڻيل عورتن کي نوڪريون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
موبائل ساز ڪمپني جي ايڇ آر ذريعن موجب خانداني ذميواريون، حمل ۽ وڌيڪ غير حاضري نوڪريون نه ڏيڻ جا اهم ڪارڻ آهن.
هڪ سبب اهو به آهي ته پرڻيل عورتن جا زيور پيداوار ۾ مداخلت ڪري سگهن ٿا.
مودي سرڪار تامل ناڊو رياست کان ان معاملي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
india apple jobs