جنگشاهي (رپورٽر) ڪوھستان ۾ گرمي جي سخت لھر سبب 25 ماڻھو بيھوش ٿي ويا.
بيھوش ٿيندڙ مريضن کي رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي ۾ آندو ويو، رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي ۾ دوائن جي کوٽ سبب مريضن کي مڪلي سول اسپتال ريفر ڪيو ويو.
ان کانسواءِ ڪي فور منصوبي تي ڪم ڪندڙ 12 ملازم پڻ گرمي جي سٽ نه سهندي بيھوش ٿي ويا.
سڄاڻ ڌرين صحت واري وزير کان مطالبو ڪندي چيو ته رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي ۾ دوائن جي کوٽ فوري طور تي ختم ڪئي وڃي ۽ ھڪ ليڊي ڊاڪٽر کي پڻ رکيو وڃي،.
ٻئي طرف ھيٽ اسٽروڪ ھئڻ باوجود جنگشاهي شھر ۽ ڀرپاسي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري آھي، جنهن سبب عوام ٻٽي عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي.
thatta makli sindh