راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته هيءَ حڪومت رڳو پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ ۽ عوام کي بجلي جي تارن تي ٽنگڻ آئي آهي.
عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حڪومت ٻڌائي ڪنهن ملڪ انهن کي 5 ڊالر به ڏنا؟ هيءَ حڪومت پنهنجا ڪيس معاف ڪرائڻ ۽ عوام کي بجلي جي تارن تي ٽنگڻ آئي آهي.
هن چيو ته ڪشمير کانپوءِ خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جون حالتون به خراب ٿي رهيون آهن، ايندڙ مهيني جي آخر تائين نواز شريف به پنهنجو بيانيو تبديل ڪري ڇڏيندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪو هن حڪومت سان ڳالهيون ڪندو اهو منهن ڪارو ڪندو، ڪو وچيون رستو ڪڍيو وڃي.
sheikhrasheed pti awamiawaz