نصرت فتح علي خان جو اهو البم رليز ٿيندو جيڪو اڄ تائين ڪنهن ناهي ٻڌو

34 سالن جي انتظار بعد استاد نصرت فتح علي خان جو البم ”روشني جي رنجير“ رليز ٿيڻ وارو آهي، اهو البم سندس لاڏاڻي جي 17 سالن بعد رليز ٿيندو.
البم کي پيٽر گيبريل جي ريئل ورلڊ رڪارڊ جي ٽيپ آرڪائيور مان هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن جي رڪارڊنگ اپريل 1990ع ۾ سندس ٽيم ڪئي هئي.
پيٽر گيبريل جو چوڻ آهي ته مونکي پنهنجي دور ۾ سڄي دنيا جي مختلف فنڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو اعزاز حاصل هو، پر شايد انهن سڀني مان وڏو فنڪار نصرت فتح علي خان هو.
هن چيو ته استاد پنهنجي آواز جو اهڙو جادو جڳائيندو هو جيڪو گهڻو غير معمولي هو، اها حقيقي خوشيءَ هئي جڏهن اسان کي خبر پئي ته هن جي هڪ البم جي رڪارڊنگ اسان جي لائيبريري ۾ موجود آهي.
ذريعن موجب ليجنڊري قوال جي رڪارڊنگ ”ريئل ورلڊ اسٽوڊيو“ جي ويئر هائوس ۾ دٻيل هئي، جيڪا 2021ع ۾ اسٽوڊيو جي شفٽنگ دوران هٿ ڪئي وئي
1985ع ۾ ووميڊ فيسٽيول دوران پيٽر گيبريل ۽ نصرت فتح علي خان جو واسطو ٿيو، هن جي مينيجر راشد احمد الدين موجب 1990ع نصرت جي ڪيريئر جو اهم نقطو هو.
هلندڙ سال 20 سيپٽمبر تي رليز ٿيندڙ انهي البم ۾ چار قواليون ”يا الله يا رحم“ ”اج سڪ متران دي“ يا غوث يا ميران ۽ خبرم رسيد امشب شامل آهن، جن مان ڪا هڪ قوالي به اڳ ۾ ناهي ٻڌي وئي.

Pakistan NusratFatehAliKhan Album

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.