فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر شادي ڪري ڇڏي، تصويرون وائرل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر شادي ڪري ڇڏي.
محمد وسيم جونيئر اِها خوشي پنهنجي مداحن کي انسٽاگرام تي ڏني ۽ گهرواري سان گڏ تصويرون پڻ شيئر ڪيون.
شيئر ڪيل تصويرن ۾ وسيم پنهنجي ڪنوار کي هٿ ۾ هٿ ڏيون بيٺو آهي جڏهن ته ٻئي سعودي عرب جي هڪ هوٽل ۾ موجود آهن جتان ڪعبو پڻ نظر اچي رهيو آهي.
وسيم جي انسٽاگرام پوسٽ کانپوءِ ساٿي ڪرڪيٽرن طرفان کيس مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، شاداب خان ۽ عامر جمال وسيم جونيئر کي مبارڪباد ڏيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

pakistanCricketteam MohammadwaseemJR Soicalmedia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.