لاهور ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان پهچندي.
ذريعن موجب، پاڪستان جي دوري دوران بنگلاديشي ٽيم 2 ٽيسٽ ميچون کيڏندي، ٽيسٽ ميچون ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جو حصو آهن، ٻئي ميچون ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ ڪرائڻ جي تجويز آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي بورڊز وچ ۾ شيڊيول تي مشاورت جاري آهي، بنگلاديشي ٽيم ويهه آگسٽ تائين پاڪستان پهچندي.
ذريعن موجب، پهرين ٽيسٽ ميچ 25 آگسٽ کان شروع ڪرڻ جي تجويز آهي ۽ ٻي ٽيسٽ ميچ سپٽيمبرجي پهرئين هفتي ۾ کيڏي ويندي.
BCB PCB PakistanCricketTeam WTC2024-25