بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا 41 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي.
سي پي پي اي بجلي اگهن ۾ واڌ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، اها درخواست ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
نيپرا ۾ بجلي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.
درخواست موجب گذريل مهيني 12 ارب 26 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي، جڏهن ته بجلي جي پيداواري لاڳت 111 ارب رپيا رهي، فرنس آئل تي 31 رپيا 44 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي.
سي پي پي اي جي درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايل اين جي سان بجلي پيداواري لاڳت 24 رپيا هڪ پئسو في يونٽ رهي ۽ ايران مان 26 رپيا 9 پئسا في يونٽ بجلي درآمد ڪئي وئي، بجلي 23 پئسا في يونٽ لائن لاسز ۽ چوري جي ور چڙهي وئي.

nepra pmln pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.