سنيٽ لوشيا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ۾ اڄ آسٽريليا ۽ ڀارت ۾ وچ ۾ سپر ايٽ مرحلي جي اهم ميچ کيڏي پئي وڃي.
سينٽ لوشيا ۾ ٿيندڙ ميچ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٽئين سيمي فائنلسٽ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي.
جيڪڏهن اڄوڪي ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت کي شڪست ڏني ته ان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن ڀارت آسٽريليا کي هارايو ته ڪينگروز لاءِ ايندڙ مرحلي تائين پڄڻ ظاهري طور گهڻو مشڪل ٿي ويندو جڏهن ته ڀارت سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو، جڏهن ته آسٽريليا کي پوءِ بنگلاديش ۽ افغانستان جي ميچ تي ڀاڙڻو پوندو.
هن وقت ڀارت گروپ اي ۾ ٻن ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي چئن پوائنٽس سان پهرئين نمبر تي موجود آهي، آسٽريليا ٻن ميچن مان هڪ کٽي ٻن پوائنٽس سان ٻئي جڏهن ته افغانستان به ٻن ميچن ۾ هڪ ڪاميابي حاصل ڪري ٻن پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.
جيڪڏهن اڄ ڀارت پنهنجي آخري ميچ ۾ آسٽريليا خلاف فاتح رهيو ته هو 6 پوائنٽس سان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو.
ڀارت خلاف آسٽريليا جي ڪاميابي جي صورت ۾ ٻنهي ٽيمن جا 4 پوائنٽس ٿي ويندا جڏهن ته افغانستان ۽ بنگلاديش جي آخري ميچ پڻ اهميت اختيار ڪري ويندي.
افغانستان جي بنگلاديش خلاف ڪاميابي کانپوءِ ڀارت، آسٽريليا ۽ افغانستان جون چار، چار پوائنٽس ٿي وينديون ۽ ٽاپ ٻه ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهچنديون.
آسٽريليا جي ڀارت خلاف ڪاميابي ۽ وري بنگلاديش جي افغانستان خلاف ڪاميابي کانپوءِ ڪينگروز ۽ ڀارت چار چار پوائنٽس سان سيمي فائنل ۾ پهچي وينديون.
واضح رهي ته اڄوڪي ميچ ۾ برسات جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
جيڪڏهن برسات سبب ڀارت ۽ آسٽريليا جي ميچ رد ٿي وئي ته ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملندي.
ان صورت ۾ ڀارت کي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته آسٽريليا جي ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ جو دارومدار افغانستان ۽ بنگلاديش جي ميچ جي نتيجي تي هوندو.
جيڪڏهن بنگلاديش افغانستان کي هارايو ته آسٽريليا ٽن پوائنٽن سان سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو پر بنگلاديش خلاف افغانستان جي ڪاميابي آسٽريليا کي سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيندي ۽ افغان ٽيم چئن پوائنٽس سان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندي.
T20WorldCup2024 IndianCricketteam australiancricketteam