سنيپ چيٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ کان روڪڻ تي ناري آپگهات ڪري ڇڏيو

ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ پيءُ طرفان ميسيجنگ اپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪرڻ کان منع ڪرڻ تي 16 ورهين جي ڇوڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.
پوليس موجب واقعو جمعي جي رات ڊومبيولي جي علائقي نيلجي ۾ پيش آيو، ڇوڪري پنهنجي موبائيل تي اسنيپ چيٽ ڊائونلوڊ ڪري رهي هئي ته سندس پيءُ اهڙو ڪجهه ڪرڻ کان روڪيو.
پوليس اهلڪار ٻڌايو ته ناري کي سندس والد اپليڪيشن ڊليٽ ڪرڻ جو چيو، جنهن تي هن ناراض پنهنجي پاڻ کي ڇت ۾ ٽنگي زندگيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ هو ته اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي حادثاتي موت جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
SnapChat India Girl

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.