هانيا عامر ۽ فهد مصطفيٰ ڊرامي کان اڳ ئي وڏي غلطي ڪري ويٺا

پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر ۽ ٽي وي هوسٽ فهد مصطفيٰ جو ”هيلو پاڪستان“ جي ڪور لاءِ ڪرايو ويندڙ فوٽو شوٽ تڪراري بڻجي ويو.
هانيا عامر ۽ فهد مصطفيٰ پهريون ڀيرو گڏجي ڪنهن ڊرامي ۾ ڪرڻ وڃي رهيا آهن، جنهن سبب پاڪستاني ڊراما ناظرين بي انتها پرجوش آهن.
هانيا ۽ فهد جي ڊرامي جو نالو ”ڪبهي مين ڪبهي تم“ آهي، جنهن جو ٽيزر ۽ آفيشل ٽريلر ٻنهي ئي ٿرٿلو مچاهي ڇڏيو آهي.
انهي ڊرامي جي پروموشن ڪندڙ ميگزين هيلو پاڪستان پنهنجي ڪور لاءِ هانيا عامر ۽ فهد مصطفيٰ جو فوٽو شوٽ ڪرايو، جنهن جي تصوير به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
هونئن ته انهن جي فوٽوشوٽ ۾ ٻنهي فنڪارن جي لباس تي تنقيد ناهي ٿي پت فوٽو شوٽ جي پوز کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان تنقيد کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار لکيو ته ”پوز بي حد عجيب آهي“ جڏهن ته هڪ ٻي واهپيدار لکيو ته اوهان ٻئي وڏا اسٽارز مسلمان آهيو، ان قسم جي فوٽو شوٽ کان پرهيز ڪيو وڃي.
Pakistan HaniaAmir fahadmustafa

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.