ڳڙهي چاڪر واسي ڊاڪٽر سکر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

ڳڙهي چاڪر (رپورٽ: غلام بوزدار) ڳڙهي چاڪر واسي نوجوان ڊاڪٽر سکر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
ڳڙهي چاڪر ڀرسان ڳوٺ سبڙ بوزدار جو رهواسي نوجوان ڊاڪٽر غلام قادر بوزدار سکر ۾ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
اطلاع تي سندس وارث سکر روانا ٿي ويا، جتان نوجوان ڊاڪٽر غلام قادر بوزدار جي مڙھه ايمبولينس ذريعي پنهنجي اباڻي ڳوٺ سبڙ بوزدار آندو ويو، جتي جنازي نماز کانپوءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڳوٺاڻن موجب نوجوان ڪيترن ئي سالن کان سکر ۾ رهندو هو، اتي بلڊ بئنڪ اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو، گذريل رات بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هو فوت ٿي ويو.

garhichakar sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.