ڪوٽڏيجي: شادي جي خريداري لاءِ ويل نوجوان حادثي ۾ فوت، خوشيون ماتم ۾ تبديل

ڪوٽڏيجي (رپورٽر) ڪوٽڏيجي ۾ شادي جي خريداري لاءِ ويل نوجوان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن سبب شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.
مٺڙي لنڪ روڊ تي ٻن موٽرس ائيڪلن وچ ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ محمد صادق شنباڻي جو رهواسي 20 ورهين جو واجد علي پٽ امام ڏنو شنباڻي ٿڏي تي فوٿ ٿي ويو، جڏھن عبدالرحمان پٽ بشير احمد شنباڻي شديد زخمي ٿي پيو.
فوتي نوجوان واجد علي شنباڻي جي ٻن ڏينهن بعد شادي جي تاريخ رکيل هئي، نوجوان پنهنجي شادي جي خريداري ڪرڻ لاءِ خيرپور شھر ڏانھن وڃي رھيو ته حادثي ۾ فوت ٿي ويو، سندس مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

kotdiji khairpur sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.