ام رباب چانڊيو جي گهر ڀاتين جو قتل، انويسٽيگيشن آفيسر جو بيان مڪمل

دادو (رپورٽ: غوث جهتيال) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي گھر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ انويسٽگيشن پوليس آفيسر جو بيان مڪمل ٿي ويو، جڏهن ته ٻڌڻي 29 جون 2024 تائين ملتوي ڪئي وئي.
عدالتي احاطي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ ڀوتارڪو نظام برقرار آهي، ان جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته جوابدار ڌر پاران اسان کي ڪورٽ ۾ هراسان ڪيو ٿو وڃي، جنهن جي شڪايت اسان عدالت جي جج کي ڪئي آهي، ڀوتار چاهين ٿا ته ڪيس ۾ دير ٿئي.

dadu sindh ummerubabchandio

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.