هڪ چوڻي آهي ته انسان جو سڀ کان وڏو دشمن ان جو پيٽ آهي، جيڪڏهن ماڻهو پيٽ جو سوچي ته پوءِ اهو ڪنهن ٻئي جو ناهي سوچيندو، اها ڳالهه به مڃڻ جهڙي آهي ته سڄي دنيا جا ڊاڪٽر اهو چوندا آهن ته جنهن به ماڻهو پنهنجي پيٽ کي سمجهي ورتو اهو گهڻي قدر بيمارين تي ڪنٽرول ڪري وٺندو آهي. ڪجهه ماڻهو سمجهندا آهن ته پيٽ کي مهانگي مهانگي دوائن سان فٽ ڪري سگهجي ٿو. ڀلي پيٽ جو سور هجي، ورم هجي، گيس ۽ بدبوءِ هجي، پيٽ ۾ وڪڙ هجن يا ساڙو هجي، سڀني مسئلن جو حل ۽ علاج تمام سستو، سولو ۽ اوهان جي رنڌڻي ۾ موجود آهي.
اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين ته پيٽ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اوهان کي ڪهڙيون شيون استعمال ڪرڻ گهرجن.
هيڊ
جنهن شخص رنڌڻي ۾ موجود ان مصالحي سان دوستي ڪري ورتي ته سمجهو انهن پنهنجي پيٽ کي صاف ڪري ورتو. هيڊ هڪ بهترين اينٽي سيپٽڪ مصالحو آهي ۽ پيٽ ۾ موجود زخم، سوڄ ۽ ساڙي جو خاتمو ڪندي آهي. ان سان گڏ اها سور جو به خاتمو ڪندي آهي. گهڻو مقدار نه بس رڳو اڌ چانهه جو چمچو پاڻي يا کير ۾ ملائي استعمال ڪجي ته زندگي سولي بڻائي سگهجي ٿي.
دارچيني
دارچيني پيٽ جي چرٻي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ تمام بهترين مصالحو آهي، اها آنڊن جي ورم کي ختم ڪندي آهي ۽ ان جو پائوڊر پاڻي ۾ پچائي پيئڻ سان وزن به گهٽبو آهي. دارچيني پيٽ جي صفائي لاءِ انتهائي فائديمند نسخو ثابت ٿيندي آهي.
هرٻي جو ٻج
هرٻي جو ٻج استعمال ڪندڙن کي گيس جي شڪايت ناهي ٿيندي، جنهن به ماڻهو کي گيس جو مسئلو هجي ۽ ان مان جند ڇڏائڻ چاهي ته کاڌي کانپوءِ پنج ڇهه داڻا هرٻي جي ٻج جا استعمال ڪري، ان سان نه رڳو پيٽ جي گيس ختم ٿي ويندي پر تيزابيت ۽ کٽي اوڳراين مان به جند ڇُٽي ويندي.
کاڌي واري سوڍا
پيٽ ۾ وڪڙن، مروڙ ۽ سيني جي ساڙي مان جيڪڏهن فوري طور تي جند ڇڏائڻ جي ڳالهه ڪجي ته مٺي سوڍا کان وڌيڪ ان جو ڪو ٻيو حل نٿو ٿي سگهي. مٺي سوڍا کائڻ سان نه رڳو پيٽ جي سڀني تڪليفن کي ختم ڪري سگهجي ٿو پر اميون سسٽم به تيزي سان بوسٽ ٿيندو آهي.
وڏا فوٽا
وڏن فوٽن جو پاڻي انهن ماڻهن لاءِ بهترين خوراڪ آهي جن کي قبضي هجي. هڪ وڏو فوٽو چٻاڙڻ سان به پيٽ ۾ هلڪائي ڪري سگهجي ٿي پر جيڪڏهن ڪنهن کي قبضي آهي ۽ پيٽ صاف ڪرڻ چاهي ٿو ته وڏن فوٽن جو پاڻي آزمايل ۽ سولي ۾ سولو بهترين طريقو آهي.