روس جو وڏو حملو، يوڪرين جو توانائي انفرا اسٽرڪچر تباهه

روس هڪ وڏو حملو ڪري يوڪرين جو توانائي جو انفرا اسٽرڪچر تباهه ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ان حملي ۾ ٻه ڄڻا زخمي به ٿيا، ٽن مهينن ۾ يوڪريني توانائي سيڪٽر تي روس جو اهو اٺون حملو آهي.
يوڪريني توانائي واري وزارت موجب روسي حملي سان ڏکڻ اولهه ۾ ڪيترين ئي ملڪيتن کي نقصان پهتو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻن سالن ۾ روسي حملن سان يوڪرين جو توانائي سيڪٽر مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي، يوڪرين ۾ بليڪ آئوٽ آهي ۽ شين جي فراهمي معطل آهي.

russia ukraine asia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.