200 ڊالرن تائين موبائل فون تي ٽيڪس، اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي 200 ڊالرن تائين موبائل فون تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي.
سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ 200 ڊالرن تائين موبائل فونز تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز رد ڪئي وئي.
ڪميٽي ميمبر انوشه رحمان چيو ته موبائل فون لگزري آئٽم ناهي، ائين ڪرڻ سان فونز مهانگا ٿي ويندا.
هن چيو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي غريب تي ئي بار وڌو ويو آهي، غريب لاءِ فون تي ٽيڪس، ڪال ڪرڻ تي ٽيڪس، چارج ڪرڻ تي ٽيڪس، ايف بي آر سبب سيڙپڪار ملڪ مان ڀڄي رهيا آهن.

senateofpakistan mobilephones tax

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.