ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) تيل جي دولت سان مالامال ملڪ کي پهريون ڀيرو لوڊشيڊنگ ڪرڻ جي ضرورت پئي آهي.
ڪويت جي ڪجهه حصن ۾ بجلي جي عارضي لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
بجلي ۽ پاڻي واري وزارت بيان ۾ چيو آهي ته مصروف وقتن ۾ هڪ ۽ وڌ ۾ وڌ ٻن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.
اسپتالن، سرڪاري ڪلينڪس ۽ بلڊ بينڪن ۾ بجلي بند نه ٿيندي، صحت مرڪزن تي بيڪ اپ جنريٽرز تيار رکيا ويا آهن.
موسمياتي تبديلين سبب گرمي پد ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ڪويت ۾ به گرمي وڌي وئي آهي اهو ئي سبب آهي جو بجلي جو بار گهٽائڻ لاءِ صبح يارهين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين بجلي جي مناسب استعمال جي هدايت ڪئي وئي آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيٽ ورڪ کي مستحڪم رکڻ سان لوڊشيڊنگ جي ضرورت گهٽجي ويندي.
ElectricLoadsheding KuwaitCity