دوشنبي (ويب ڊيسڪ) تاجڪستان ۾ سرڪاري طور حجاب تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ان حوالي سان پارليامينٽ بل به منظور ڪري ورتو، ڀڃڪڙي تي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪيا ويندا.
ميڊيا رپورٽن موجب تاجڪستان ۾ 98 سيڪڙو مسلمان آبادي آهي، حجاب تي پابندي جي ڀڃڪڙي تي عام ماڻهن سان گڏ ڪمپنين ۽ سرڪاري توڙي مذهبي شخصيتن تي به ڏنڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نئين قانون تحت حجاب يا ٻيو مذهبي لباس پائيندڙ فرد تي تقريبن 700 ڊالر ڏنڊ لڳي سگهي ٿو.
ملازمن کي پابندي پيل لباس پائڻ جي اجازت ڏيندڙ ڪمپني تي 3500 ڊالر ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته حڪومتي عهديدار يا مذهبي اڳواڻن کي ڀڃڪڙي تي 4800 ڊالر ڏنڊ ڀرڻو پوندو.
واضح رهي ته تاجڪستان ۾ ڪيترن ئي ورهين کان حجاب تي اڻ اعلانيل پابندي لاڳو هئي.
tajikistan asia russia