آمريڪا ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، پوليس اهلڪارن سميت 8 زخمي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست آرڪنسا ۾ هڪ شخص فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي قتل ۽ 8 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو گراسري اسٽور ۾ پيش آيو، زخمين ۾ ٻه پوليس آفيسر به شامل آهن.
حملي آور کي پوليس فائرنگ ڪري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

usa Arkansas unitedstatesofamerica

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.