معاشري ۾ نفرت پکيڙيندڙ سياسي ڌرين کي پارليامينٽ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو

لياري ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو ڪراچي جي عوام سان گڏجي شهر جي بهتري لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي به عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جو چيو آهي ، بجيٽ ۾ غريب عوام کي مفت سولر جي سهولت ڏينداسين ته جيئن لوڊ شيڊنگ کان رليف ملي سگهي جڏهن ته بجيٽ واري معاملي تي حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن ۽ اميد آهي ته ڪو حل نڪرندو ڇو ته اسان سڀني کي گڏجي معيشت سنڀالڻي آهي.
لياري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي ٽن نسلن کان هڪ شهر جي جدوجهد ۾ حصو ورتو ۽ لياري جي عوام سان گڏجي ٻن آمرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ شهرين کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته هو جڏهن کان سياست ۾ آيو آهي ته ڪراچي جي عوام سان گڏجي جدوجد ڪري رهيو آهي،اِهو شهر جنهن ۾ بينظير ڀٽو جنم ورتو ۽ مان پاڻ پيدا ٿيس، ان جي ترقي لاءِ هتان جي عوام سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ چاهيان ٿو.
هن چيو ته عوام جي مدد سان اسان هڪ ڀيرو وري سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي آهي ۽ عوام اسان تي اعتماد ڪري پيپلز پارٽي چونڊيو آهي، انڪري سنڌ جي وڏي وزير تي ڪراچي جي عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ طور ڏنو آهي.
بلاول چيو ته صوبي ۾ امن امان بابت وڏو وزير ۽ سندس ٽيم ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان جا نتيجا به نظر اچي رهيا آهن ۽ اميد آهي اڳتي پڻ بهتري ايندي.
سندس چوڻ هوته سموري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو آهي، خاص طور سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 18 ۽ 16 ڪلاڪ لوڊشيڦنگ ٿيندي آهي ۽ جڏهن عوام کي بل ملندا آهن ته هو بل به ادا ناهن ڪري سگهندا.
بلاول ڀٽو چيو ته هن وقت ملڪ جي معاشي ڏکيائيون اوهان جي سامهون آهن ۽ موجودا حڪومت ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته بهتر ائين ٿئي ها ته وفاقي حڪومت پنهنجي اتحادين ۽ خاص طور پ پ سان پهريان مشاورت ڪري بجيٽ ٺاهي ها ته جيئن اسان پنهنجي راءِ ڏئي سگهون ها، انهن کي پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪري سگهون ها، اسان جو پنهنجو هڪ حلقو آهي ۽ ملڪ جي غريب عوام اسان کي ووٽ ڏنا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن بجيٽ ۾ پ پ جي راءِ هجي ها ته بهتر انداز ۾ اڳتي وڌي سگهجي پيو پر هن ڏکئي وقت ۾ اسان سڀني کي گڏجي ملڪ ۽ معيشت کي سنڀالڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ اسان جا نمائندا حڪومت سان گڏ ويٺا آهن ۽ هن وقت پ پ جي شڪايت ختم ڪرڻ لاءِ جيڪو ٿي سگهي ٿو اِهو ٿيڻ گهرجي ته جيئن بجيٽ منظور ڪري سگهن ۽ ملڪ کي معاشي ڌٻن مان ڪڍي سگهون، مون کي وزيراعظم شهباز شريف مان اميد آهي ۽ سندس نيت به صاف آهي، هو پ پ سان ڪيل واعدا پورا ڪري ڏيکاريندو.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته اسان سدائين عوام لاءِ آواز اُٿاريو آهي ۽ اوهان جي نمائندگي ڪيون ٿا ۽ اِها جدوجهد تيستائين جاري رهندي جيستائين اوهان جو حق اوهان کي نٿا ڏياريون.
پ پ چيئرمين چيو ته هڪ پاسي معاشي مسئلا آهن ۽ ٻئي پاسي سياسي طور به هڪ اهڙو بحران پيدا ٿي ويو آهي جتي نفرت جي سياست عروج تر آهي ۽ جڏهن اسان اسلام آباد ويندا آهيون ته اتان جا سياستدا هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ ۽ پاڻ ۾ ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهن هوندا.
سندس چوڻ هو ته ڀلي اوهان حڪومت ۾ هجو يا مخالف ڌر ۾، اسان جو فرض ۽ ڪم پاڪستان جي عوام جي نمائندگي ڪرڻ ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ آهي.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏيندي چيو ته اِهي سموريون سياسي پارٽيون جيڪي پنهنجي انا ۽ ذاتي مسئلي سبب پاڪستان ۽ پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائي رهيون آهن، اسان جي پوري معاشري ۾ نفرت جي سياست پکيڙي رهيون آهن انهن کي پارليامينٽ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته جهموري قوتن کي جهموري قوتن سان ڳالهائڻ گهرجي ته جيئن اسان پنهنجي جهموري نظام کي بهتر ۽ فعال بڻائي سگهون، جنهن لاءِ لياري ۽ سڄي ملڪ جي عوام قربانيون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.