پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم الزام لڳائيندڙ يوٽيوبرز ۽ اڳوڻن رانديگرن خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بابر اعظم جي ويجهن ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ دوران بابر اعظم خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائي وئي.
ذريعن جوچوڻ آهي بابر اعظم کي اڳوڻن رانديگرن طرفان مڙهيل الزامن مايوس ڪيو، هن يوٽيوبرز ۽ اڳوڻن رانديگرن کي قانوني نوٽيس موڪلڻ جو امڪان آهي، بابر ان حوالي سان قانوني ٽيم سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي جو ليگل ڊپارٽمينٽ به يوٽيوبرز ۽ اڳوڻن رانديگرن جي بيانن جي ڊيٽا گڏ ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ بدترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ پهرئين ئي مرحلي ۾ ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ قومي ٽيم ۽ خاص طور ڪپتان بابر اعظم تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي.
You might also like