ڪرم ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملو،5 جوان شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ سيڪورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگ جي ڌماڪي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پنج فوجي جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ضلع ڪرم جي علائقي صده ۾ سيڪورٽي فورسز جي گاڏي تي بارودي سرنگ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ پنج فوجي جوان شهيد ٿيا.
شهيد ٿيندڙ جوانن ۾ حوالدار عقيل احمد، لانس نائيڪ محمد طفير،سپاهي انوش رفون،سپاهي محمد اعظم خان ۽ سپاهي هارون وليم شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته علائقي ۾ موجود دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
Pakistan Army ISPR

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.