گوگل ڪروم ۾ هڪ ڪارآمد فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو اهڙن واهپيدارن لاءِ بهترين ثابت ٿيندو.
اهو فيچر انهن ماڻهن لاءِ بهتر هوندو جيڪي ويب برائوزر تي مضمون پڙهڻ جا عادي هوندا آهن.
گوگل جي انهي مشهور ويب برائوزر جي اينڊرائڊ ورجن ۾ listen to this page نالي فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ان فيچر ذريعي واهپيدار ڪروم ايپ اندر ڪنهن ويب پيج کي وڏي آواز ۾ ٻڌي سگهبو.
انهي فيچر تي گهڻي وقت کان ڪم ڪيو ويو پئي ۽ اهو واهپيدارن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو جيڪي مصروفيت سبب ڪنهن مضمون کي پڙهڻ کان قاصر هوندا آهن.
جڏهن واهپيدارن ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مصروف هوندو ته اهو ويب پيجز کي ٻڌي سگهندو،اهو فيچر سمورن ويبسائيٽس تي ڪم نه ڪندو جڏهن ته جن ويبسائيٽس تي ان کي استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو، اهو به کيس پاڻ دريافت ڪرڻو پوندو.
Google Chrome technology
Prev Post
You might also like