اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سني اتحاد ڪائونسل زرتاج گل وزير کي قومي اسيمبليءَ ۾ پارلياماني ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو.
سني اتحاد ڪائونسل زرتاج گل وزير کي بظابطا طور قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو.
سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزادا حامد رضا ۽ زرتاج گل قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان ملاقات دوران درخواست جمع ڪرائي جڏهن ته اسپيڪر اياز صادق درخواست تي جلد فيصلي جي خاطري ڪرائي آهي.