اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سي پيڪ تي ٿيندڙ پاڪ-چين گڏيل مشاورتي اجلاس ۾ پاڪستان جو سموريون سياسي پارٽيون هڪ پيج تي نظر آيون.
پاڪ-چين مشاورتي مڪينزم اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان،يوسف رضا گيلاني،حنا رباني کر،خالد مقبول صديقي ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ رئوف حسن سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جو نئون وجن آهي، منصوبي جي ٻئين مرحلي سان پاڪ-چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
چيني وزير ليوجيان چائو چيو ته ترقي لاءِ اندروني استحڪام ضروري آهي، سيڙپڪاري لاءِ سيڪورٽي صورتحال کي بهتر بڻائڻو پوندو، پاڪستاني سي پيڪ جي حمايت کي ساراهن ٿا، پاڪستان ۽ چين ترقي جي نئين راهن تي گامزن آهن، ترقي ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند هوندي.
اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سياسي پارٽين جو هڪ ٽيبل ويهڻ ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت جو هڪ پيج تي هجڻ جي دليل آهي، مستقبل کي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سي پيڪ جي بهتري لاءِ ملي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو.
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ڪشمير واري مسئلي تي پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون، ٻنهي ملڪن جو عوام دوستي کي فائديمند بڻائڻ چاهي ٿو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ علي ظفر چيو ته سي پيڪ پاڪ-چين دوستي جي وجن جو اظهار آهي، سي پيڪ منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي خاتمي سان سي پيڪ جو خواب حقيقت ۾ بدلجي سگهي ٿو، چين سان دوستي اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀو آهي.
سينيٽ جي چيئرمين يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته سي پيڪ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جو منصوبو آهي.
pak-china CPEC IshaqDar
You might also like