ڏهرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي ويجهو گهٽي جي معاملي تان چاچڙ ۽ ڌڪڙ برادري ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ مرد ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيا.
ڌڪڙ برادري دانهيو ته ريتي شهر ۾ سندن پلاٽ آهي جنهن مان چاچڙ برادري گهٽي وڪرو ڪئي آهي ۽ رقم ناهي ڏني وئي.
هنن چيو ته ڪيس داخل آهي پر پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪري رهي. جوابدار عيدن، الله ورايو ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.