ڪراچي ۾ ڏوهه ٿيا ته ذميوار پوليس آفيسر هوندا:مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هاڻ ڪراچي جي ڪنهن علائقي ۾ ڏوهه ٿيو ته اتي پوليس آفيسر جوابده هوندا.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سيف سٽي لاءِ ان مهيني جي آخر تائين سي سي ٽي وي ڪيمرن جي شپمنٽ اچي ويندي، هاڻ سيف سٽي تي ڪم ٿيندي نظر اچڻ گهرجي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪچي جي علائقن ۾ پوليس اهلڪارن کي جديد هٿيار هلائڻ جي ٽريننگ ڏني ويندي
مراد علي شاهه ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.
karachi cm-sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.