جروار: گهر تي حملي ۾ 2 عورتون زخمي

جروار (رپورٽر) ڳوٺ محمد نوحاڻي ۾ لال بخش نوحاڻي جي گهر تي لٺ بردار ماڻھن حملو ڪري نواب خاتون ۽ زليخان نوحاڻي کي لٺيون هڻي زخمي ڪري وڌو.

زخمي عورتن کي خانپور مهر جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو .

گهر ڌڻي لعل بخش نوحاڻي جو چوڻ هو ته نوحاڻي برادري سان واسطو رکندڙ پوليس اهلڪارن بنا جواز گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪيو ۽ اڳ ۾ به انهن اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.