ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي نامياري اداڪار ۽ هدايتڪار فرحان اختر پنهنجي نئين پروجيڪٽ ۾ سپر اسٽار شاهه رخ خان کي سان ٻيهر ڪم ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي .
ڪنگ خان فرحان اختر جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ” ڊان “ سيريز جي ٻن فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا ۽ مصروفيت سبب فلم جي ٽئين حصي ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.
شاهه رخ خان جي انڪار کانپوءِ ڊان ٿري جي مک ڪردار لاءِ رڻوير سنگهه جي چونڊ ڪئي وئي ۽ پريانڪا چوپڙا بدران ڪيارا آڏواڻي ساڻس گڏ نظر ايندي.
هڪ انٽرويوءَ دوران فرحان اختر چيو ته هو سئو سيڪڙو شاهه رخ خان سان ٻيهر ڪم ڪرڻ لاءِ ڪا شئي ڳولي وٺندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به اداڪار سان ڪم ڪرڻ لاءِ بس اِها شئي ڳولڻي پوندي آهي جنهن ذريعي رابطو ٿئي ۽ هو اِها شئي جلد ڳولي وٺندو.
Prev Post
You might also like