سوناڪشي مسلمان سان شادي ڪري يا هندو سان هن جي مرضي، اسان کي جج نه بڻجڻ گهرجي: سوارا ڀاسڪر

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال ايندڙ هفتي ( 23 ) جون تي شادي ڪري رهيا ۽ سندن شادي ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي.
جتي ڪيئي پرستار جوڙي جي زندگي جي ايندڙ مرحلي تي پرجوش آهن اتي ڪجهه ماڻهو فلم انڊسٽري ۾ مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ جوڙي جي شادي تي پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪري رهيا آهن.
ان حوالي سان سوارا ڀاسڪر جنهن جو مڙس مسلمان آهي پنهنجي هڪ انٽرويوءَ دوران سوناڪشي ۽ ظهير اقبال جي شادي تي ٿيندڙ ٽرولنگ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي جو حمايت ڪئي.
ان موقعي تي سوارا سماجي وادي پارٽيءَ جي اڳواڻ فهد احمد سان پهنجي تي ٿيندڙ تنقيد جو ذڪر ڪندي چيو ته هن وقت جديد ڀارت ۾ هڪ وڏو مسئلو اِهو غلط تصور آهي جيڪو ان وقت پکيڙيو ويندو آهي جڏهن ته هندو ڇوڪري ڪنهن مسلمان ڇوڪري سان شادي ڪندي آهي ته ان کي لوو جهاد جو نالو ڏنو ويندو آهي، اهڙي واويلا منهنجي شاديءَ تي پڻ ڪئي وئي هئي.
هن چيو ته محبت جي عالمي ڏهاڙي ( ويلينٽائن ڊي ) جي موقعي تي مختلف مذهن سان واسطو رکندڙ جوڙن کي مختلف شهرن ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، منهنجي شادي تي به ڪيئي ماهرن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو.
سندس چوڻ ته اسان بالغن جي شادي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، هو پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڇا ڪندا؟ ڇا هو شادي ڪندا يا نه، اِها سندن مرضي آهي، جنهن ڪنهن جو ڪو لهڻو ليکو ڪونهي.
هن چيو ته نوجوان ڪورٽ وڃي شادي ڪن، نڪاح ڪن يا وري آريا سماج جي رسمن تحت شادي ڪن، اِهو ان مرد ۽ عورت ۽ سندن ڪٽنبن جي وچ جو معاملو آهي.
اداڪارا چيو ته سوناڪشي مسلمان سان شادي ڪري يا هندو سان هن مرضي، اسان کي جج نه بڻجڻ گهرجي.
سندس وڌيڪ چوڻ هوته سوناڪشي جي پنهنجي زندگي آهي، هن پنهنجي ساٿي جي چونڊ ڪئي آهي سندس ساٿي هن جي چونڊ ڪئي آهي، تنهنڪري هاڻ اِهو سندن ۽ خاندانن جو معاملو آهي، منهنجي حساب سان سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي بحث وقت جو زيان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.