مريم نواز صفائي عملي لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز 3 ڏينهن خاص صفائي مهم ۾ شامل عملي کي هڪ مهيني جي پگهار انعام طور ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
صفائي مهم جي ٽيم نالي جاري ڪيل پيغام ۾ مريم نواز چيو ته شاباش ٽيم پنجاب شاباش، توهان عوام جي مثالي خدمت ڪري صاف سٿري پنجاب جي نئين تاريخ لکي ڇڏي، سخت گرمي ۾ جيڪا توهان عوام جي خدمت ڪئي، اها ساراهه جوڳي آهي.
هن سمورن ميونسپل ادارن، ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپنين سميت سڀني آفيسرن ۽ عملي کي شاباشي ڏني.
گڏوگڏ مريم نواز چونڊيل نمائندن، ميڊيا ۽ عوام جا به ٿورا مڃيا، جن ادارن جو ساٿ ڏئي مهم کي ڪامياب بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.