مراد علي شاهه جي عيد ملڻ آيل پرڏيهي سفارتڪارن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي دعوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه سان مختلف ملڪن جي قونصل جنرلز ملاقات ڪئي.
وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ۾ قونصل جنرلز مراد علي شاهه کي عيد جي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته وڏي وزير سندن ٿورا مڃيا.
قونصل جنرلز وڏي وزير کان پڇيو ته توهان قرباني ڪٿي ڪئي؟ جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته پنهنجي ڳوٺ سيوهڻ شريف ۾.
سفارتڪارن وڏي وزير کي ٻڌايو ته هنن به قرباني ڪئي آهي، مراد علي شاهه کين چيو ته توهان سان گڏ هڪ ڪرڪيٽ ميچ کيڏڻ چاهيان ٿو، سفارتڪارن چيو ته اسان پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهي توهان کي آگاهه ڪنداسين.
وزيراعليٰ جي ترجمان موجب وزيراعليٰ جي ٽيم ۽ سفارتڪارن جي ٽيم وچ ۾ جلد هڪ دوستاڻي ڪرڪيٽ ميچ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.