هاڪس بي تي عورت سميت 4 ڄڻا سمنڊ ۾ ٻڏي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد جي ٽئين ڏينهن پڪنگ لاءِ هاڪس بي ويندڙ 4 ڄڻا سمنڊ ۾ ٻڏي ويا، جن مان ٽن کي بچايو ويو.
ريسڪيو اختيارين موجب هاڪس بي جي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ 4 ڄڻن مان هڪ عورت سميت 3 ڄڻن کي بچايو ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻي جي ڳولا جاري آهي.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته چئني ڄڻن جو واسطو هڪ ئي خاندان سان آهي ۽ اهي ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا جا رهواسي آهن.
واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي سامونڊي علائقن ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي عيد جي موڪلن دوران سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.