ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ:مارڪوس اسٽوئنس دنيا جو نمبر ون آل رائونڊر بڻجي ويو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) مينز ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي .
افغانستان جي محمد نبي کان ٽي ٽوئنٽي نمبر ون آل رائونڊر جي پوزيشن کسجي وئي آهي، محمد نبي مختصر وقت لاءِ نمبر ون ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊر رهيو ۽ هاڻ آسٽريليا جي مارڪوس اسٽوئنس پهرين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.
رينڪنگ ۾ سريلنڪا جي وانندو هسارنگا جو ٻيو ۽ شڪيب الحسن جون ٽيون ۽ محمد نبي جي چوٿون نمبر آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرز جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو عادل رشيد پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي عقيل حسين ڇهه درجا ترقي کانپوءِ ٻي ۽ سريلنڪا جي وانندو هسارنگا ٽين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ويسٽ انڊيز جي گودا ڪيش موتي 16درجا بهتري کانپوءِ 13 هين نمبر تي اچي ويو آهي، ٽاپ ٽين ۾ ڪو به پاڪستاني بالر شامل نه آهي.
بيٽرز جي ٽاپ فور رينڪنگ ۾ ڪا به ڦيرڦار ناهي ٿي، ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو جو پهريون، انگلينڊ جي فل سالٽ جو ٻيو، پاڪستان جي بابراعظم ٽ ٽئين ۽ محمد رضوان چوٿين نمبر تي موجود آهن.
آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ پنج درجا ترقي ڪندي پنجين پوزيشن ماڻي ورتي آهي جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي نڪولس پوران 8 درجا بهتري بعد 11 هين نمبر تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.