بائيڊن جو آمريڪين سان شاديون ڪندڙ غير قانوني پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن آمريڪي شهرين سان شاديون ڪندڙ لکين غير قانوني پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ تمام ڏکيو آهي پر مان واضح ٿو چوان ته بارڊر ايميگريشن تي سياست ڪرڻ ۾ منهنجي ڪا دلچپسي ناهي، منهنجي دلچسپي ان کي حل ڪرڻ ۾ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي اختيارين چيو آهي ته بائيڊن جي نئين پروگرام سان اهڙا غير قانوني پناهگير فائدو حاصل ڪرڻ جا اهل هوندا، جن کي 17 جون تائين آمريڪا ۾ 10 سال مڪمل ٿي چڪا آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي شهرين سان شاديون ڪندڙ تقريبن 5 لک غير قانوني پناهگير بائيڊن جي ان نئين پروگرام لاءِ اهل هوندا، جڏهن ته نئين پروگرام تحت 50 هزار جي لڳ ڀڳ 21 سالن کان ننڍي عمر جي آمريڪي شهريت رکندڙ ٻارن جا والدين به آمريڪي شهريت لاءِ اهل هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.