روسي صدر جو 24 ورهين کانپوءِ اتر ڪوريا جو دورو، آمريڪا تپي باهه

پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن 24 سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ اتر ڪوريا جي دوري تي پهچي ويو.
اتر ڪوريائي سربراهه ڪم جونگ ان پيونگ يانگ پهچڻ تي پيوٽن جي آجيان ڪئي، جڏهن ته روسي صدر کي سلامي به ڏني وئي.
ويجهي عرصي خاص طور يوڪرين تي روس جي حملي کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا طرفان ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪريملين طرفان روسي صدر جي دوري کي دوستاڻو قرار ڏنو ويو آهي.
روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته دوري جي موقعي تي پيوٽن اتر ڪوريائي صدر سان سيڪيورٽي سميت مختلف شعبن ۾ پارٽنرشپ جا معاهدا ڪندو، جڏهن ته گڏيل پڌرائي به جاري ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.