فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سان ٻه ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي به ٿيا.
ريسڪيو اختيارين موجب ستيانه روڊ تي شريف پورا پاڙي جي هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 9 ڄڻا سڙي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال نيو ويو، جتي ٻه ڀاءُ ڀيڻ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ 5 ٻار ۽ 2 عورتون شامل آهن، جن جو علاج هلندڙ آهي.
اختيارين موجب گهر ۾ باهه چارجنگ تي لڳل ليپ ٽاپ جي بيٽري ڦاٽڻ سبب لڳي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
					You might also like