ڀان سيد آباد ۾ ٻوڏ متاثر پورهيت جي جهوپڙي باهه ۾ سڙي رک ٿي وئي

ڀان سيد آباد (رپورٽ: آدم مينگل) ڀان سيد آباد شهر جي باءِ پاس وٽ منڇر واسي ٻوڏ متاثر پورهيت غلام رسول ملاح جي جهوپڙي کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن سبب سامان سڙي رک ٿي ويو.

پورهيت جي گهر پيل ۾ اناج، هنڌ بسترا ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي ويو جنهن کانپوءِ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي.

سندس چوڻ هو ته هو غربت سبب گهر ٺهرائي نٿو سگهي ۽ ٻارن سميت بي يارو مددگار ويٺل آهي، سندس واهر ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.