ڀارتي اداڪار ۽ سندس گرل فرينڊ تي قتل جو الزام، جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا

قتل جي الزام هيٺ گرفتار ڀارتي اداڪار درشن ٿوگوديپا ۽ سندس گرل فرينڊ ۽ اداڪارا پاوترا گوڙا خلاف جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اداڪار درشن ٿوگوديپا گرل فرينڊ پاوترا کي سوشل ميڊيا تي توهين جوڳا تبصرا ڪرڻ تي تي رينوڪا سوامي نالي مداح کي ڀاڙي جي قاتلن ذريعي قتل ڪرايو .
پوليس موجب، اداڪار درشن پنهنجي گرل فرينڊ ۽ ڏهن ساٿين سان گڏجي رينوڪا سوامي نالي شهري کي اغوا ڪيو ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته رينوڪا سوامي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ انڪشاف ٿيو ته مٿس نه رڳو ڏنڊن سان تشدد ڪيو ويو پر کيس بجلي جا جهٽڪا ڏنا ويا جيڪي سندن موت جو ڪارڻ بڻيا.
پوليس رپورٽ ۾ اِها ڳالهه سامهون آهي ته اداڪار درشن ٿوگوديپا رينوڪا سوامي کي قتل ڪرائڻ لاءِ ڀاڙي چئن قاتلن کي 50 لک رپيا ادا ڪيا.
رپورٽ موجب، اداڪار 50 لک رپين مان 30 لک رپيا پرادوش نالي شخص کي ڏنا جنهن رينوڪا سوامي جي اغوا ۽ قتل جي رٿابندي ۽ سموري معاملي کي سنڀاليو جڏهن ته نکِل ۽ ڪيشوا مرٿي نالي جوابدرن کي رينوڪا سوامي جي مڙهه کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ پنج، پنج لک ڀارتي رپيا ڏنا ويا.
ان کانسواءِ رويندرا ۽ ڪارٿڪ نالي ٻن ڄڻن جي گهرڀاتين کي به پنج، پنج لک رپيا ڏنا ويا ته جيئن هو قتل جو الزام پنهنجي سر تي کڻي درشن ٿوگوديپا ۽ سندس گرل فرينڊ کي جيل وڃڻ کان بچائي وٺن.
پوليس اداڪارا درشن ۽ سندس گرل فرينڊ پاوترا گوڙا جو جسماني رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي ۽ ٻنهي کان معاملي جي وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.